SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هنري ۽ حرفتي متڀيد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هنري ۽ حرفتي متڀيد

Technological Apartheid

ٽئڪنالوجيڪل اپارٿائيڊ

هي اصطلاح وڏين طاقتن ۽ صنعتي طور اسريل ملڪن طرفان، غريب ۽ ٽين دنيا جي اسرندڙ ملڪن کي فن، هنر ۽ حرفت جي ميدان ۾ پوئتي ۽ محروم رکڻ واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. هي اصطلاح بنيادي طور ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي مت ڀيد جي بنياد تي ڪاري آباديءَ کي گورن کان ڌار رکڻ ۽ گهٽ سهولتون ڏيڻ واري پاليسيءَ تان کنيل آهي، جيڪو شعوري يا لاشعوري طور هڪ حربي طور استعمال ڪندي، ٽين دنيا جي اڀرندڙ صنعتي ملڪن کي پوئتي رکڻ جي سازش طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان حوالي سان، اهو ڪنهن مخصوص علائقي جي حرفتي بالادستي ۽ جديد بيٺڪيت واري رَوِشن کي هٿي ڏي ٿو. ايران جي حڪومت پاران کيس نيو ڪليائي صلاحيت کان محروم رکڻ واري اولهه جي ملڪن طرفان ٿيندڙ ڪوشش کي، پڻ ساڳئي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ٿو. برتري پسند هن نظريي جا وڪيل چون ٿا ته امير ۽ اجارادرا ملڪن طرفان، غريب ملڪن کي پنهنجو مستقل ڳيجهو رکڻ لاءِ هيءَ هڪ ڳڻيل ڳوتيل حڪمت عمليءَ آهي. جنهن ذريعي ٻٽي مقصد واري ٽيڪنالاجي، ڄاڻ جا اهم ذريعا، سکيا جا جديد سرشتا ۽ ترقيءَ جا نوان پيچرا غريب ملڪن کان لڪائيندي يا انهن تي غير ضروري رڪاوٽون مڙهيندي، دنيا جا امير ۽ اسريل ملڪ پنهنجي هڪ هٽي ختم نٿا ڪرڻ چاهين. ان سلسلي ۾ آمريڪا طرفان برازيل کي سپر ڪمپيوٽرن جي فراهمي روڪڻ ۽ ايران کي ائٽمي ٽيڪنالاجي کان پري رکڻ وارا مثال عام طرح بيان ڪيا ويندا آهن


Remember Me Also:

ڍيلي ٿيڻ

غريب ٿِيڻ ، ڪنگال ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal